اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سي??يئر صحافي ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس اف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي اڳوڻي سب ايڊيٽر خالد اعواڻ جي لاڏ??ڻي تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرحوم جي گه??ڀاتين سان دلي تعيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خالد اعواڻ جي لاڏ??ڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم خالد اعواڻ کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.