اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀا?? جي فراهمي يقيني بڻ??ئي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀا?? جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، صوبائي سرحدن تي ڀا?? جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀا?? جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ يوريا ڀا?? جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمت تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀا?? جي تازي پيداوار، طلب ۽ آبادگارن کي فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۽ اس??اڪ ڪڻڪ جي تازي فصل جي لاءِ ڪافي آهي جڏهن ته بفر اس??اڪ جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهن تي ڀا?? جي فراهمي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورن صوبن جي ڪابينا ۾ سموريون جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يوريا ڀا?? جي حڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻ??ئي وڃي، ضلعي انتظاميا ڀا?? جي ذخيره اندوزن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني بڻ??ئي، ڀا?? جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ڀا?? تي حڪومتي سبسڊي آبادگارن جيڪي ان جا صحيح مستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃي، صنعت واري وزارت ۽ غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀا?? جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀا?? جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت يقيني بڻ??ئي، صوبائي سرحدن تي ڀا?? جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀا?? جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. هن هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڀا?? جي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي يقيني بڻ??ئي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ڀا?? تي سبسڊي جو بار سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي تناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ڀا?? جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشاورت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃي.