راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المتائر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بشمول سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سهڪار سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ معزز مهمان آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ فوجي تربيت بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. مهمان شخصيت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڏنل قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف مهمان شخصي?? جي آجيان ڪندي چيو ته سعودي عرب سان پاڪس??ان جا ويجها ناتا آهن، پاڪس??ان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان کان اڳ مهمان شخصي?? جي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج ج?? هڪ جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.