اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ول??گي چيو آهي ته واپاري برادري ڪاروبار کي فروغ ڏئي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اين?? انڊسٽري جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اين?? انڊسٽري کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته چيمبر جي تعاون سان بزنس ڪميونٽي جي اهم مسئلن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري سان ئي معيشت مضبوط ٿئي ٿي. م??ڪي ترقي ڪاروباري طبقي جي خوشحالي سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاليسي سازي ۾ ڪاروباري طبقي جي راءِ کي اهميت ڏيڻي پوندي.