اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نجڪاري جو ??مل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي سان لاڳاپيل معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. ا??لاس ۾ پ?? آءِ اي جي نجڪاري جي ??مل تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو وي??. ا??لاس کي پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال بابت آگاهه ڪيو وي??. ا??لاس ۾ نگران وفاقي وزيرن شمشاد اختر، فواد حسن فواد، هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پ?? آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال ۽ نجڪاري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم سان لاڳاپيل سمورن قدمن جي هدفن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ باقاعدگي سان ان بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو ??مل مڪمل ٿيڻ تائين حڪومت ان جي هر ممڪن معاونت ڪندي رهندي. خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد کان جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي ??مل کي تيز ڪري جلد کان جلد مڪمل ۽ نجڪاري جي ??مل تي اڳڀرائي بابت باقاعدگي سان آگاهه ڪيو وڃي.