اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي قائد ملت لياقت علي خان شهيد کي قوم جي لاءِ سندس بي پناهه خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي پا??ستان جي آزادي ۽ ان جي عوام جي ڀلائي لاءِ قائد ملت جي اڻٿڪ عزم جي ياد ڏياري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قائد ملت جي 72 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته لياقت علي خان آزادي جي جدوجهد دوران باني پا??ستان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ بيٺل رهيو ۽ هن قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته لياقت علي خان پا??ستان جي پهرين وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون، قائد ملت ملڪ جي خودمختياري جو وڏو چيمپئن ۽ شهرين جي ڀلائي جو وڏو حامي هو. صدر چيو ته لياقت علي خان شهيد پا??ستان جي شروعاتي سالن، قرارداد مقاصد اختيار ڪرڻ ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قوم جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب هڪ ??رقي پسند ۽ خوشحال پا??ستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائد ملت نئين قائم ٿيندڙ رياست جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. صدر چيو ته قائد ملت جمهوريت، قانون جي حڪمراني، پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي فروغ لاءِ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته قوم سان لياقت علي خان جي مضبوط وابستگي قوم جي گڏيل شعور تي لازوال نشان ڇڏيو آهي، هڪ متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پا??ستان جو قائد ملت جو ويزن اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته اچو نه رڳو لياقت علي خان جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد ڪريون پر هڪ ??هڙي پا??ستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ??ريون جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد هجي. هن چيو ته اچو قائد ملت لياقت علي خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ ??هتر ۽ خوشحال پا??ستان جي لاءِ ڪم ڪريون. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قائد ملت کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس نظريا ايندڙ نسل تائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهن.