اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، ڪشمي?? جو مسئلو هند جي ور?? جي اڌوري ايجنڊا آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ اٿاريل آواز تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تي اسان ڪشميري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمي?? جو مسئلو هند جي ور?? جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ت?? جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.