اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ بحرين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ثاقب رئوف سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان ??ان ??نرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن. صدر چيو ته پاڪستان کان ??ابل قدر مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير بحرين سان ??طرفي واپار ۽ افرادي قوت جي درآمد تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن خاص طور ت?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ هنرمند افرادي قوت جي گهرج وڌي رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ بحرين ۾ ڪاميابي جي لاءِ ن??ڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.