ڪوئيٽا – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. نگران ??زيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بلوچستان جو هي پهريون دورو آهي. نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي، چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان ۽ آءِ جي پوليس عبدالخالق شيخ استقبال ڪيو. نگران ??فاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ مواصلات وارو نگران ??فاقي وزير شاهد تارڙ ۽ ٻيا پڻ نگران ??زيراعظم سان گڏ هئا.