اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سمنڊ پ??ر پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ميزبان ملڪن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجا??ر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. ايوان ص??ر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيا??ن جو اظهار ڊاڪٽر نصر شاهد جي قيادت ۾ سمنڊ پ??ر پاڪستانين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ملاقات دوران صدر سان مختلف معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته سمنڊ پ??ر پاڪستانين جو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. سمنڊ پ??ر پاڪستاني باصلاحيت ماڻهو ۽ پاڪستان جي لاءِ فخر جو سبب آهن. صدر چيو ته سمنڊ پ??ر پاڪستاني ملڪ کان پري رهي پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پ??ر پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجا??ر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، ان جي لاءِ سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سمنڊ پ??ر پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پ??ر پاڪستاني پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪن.