اسلام آباد – 14 – ??ون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ جي پي روڊ کي ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي نالي سان من??وب ڪري ڇڏيو آهي. فيض آباد کان پير وڌائي موڙ تائين ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (اڳوڻي آءِ جي پي) روڊ جي نئين سر تعمير جي من??وبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم اڳوڻي آءِ جي پي روڊ کي ملڪ جي دفاع لاءِ بي مثال جرئت، بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي نالي سان من??وب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، قومي اسيمبلي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ملڪ اب??ار?? انجم عقيل خان، ملڪ شڪيل اعو??ڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کانسواءِ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار موجود هئا. اهو روڊ 9.8 ڪلوميٽر ڊگهو رستو فيض آباد کان پير وڌائي موڙ (پشاور موڙ راولپنڊي) تائين نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي. ان من??وبي ۾ 2 اوور هيڊ برج ٺاهيا ويا آهن. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان تي ڪم تيز ڪري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد روڊ جي تعمير سان فيض آباد کان پير وڌائي موڙ تائين ٽريفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ايندي ۽ راولپنڊي اسلام آباد جي وچ ۾ شين ۽ سامان جي چرپر ۾ آساني ٿيندي. هيوي ٽريفڪ جي ڪري اڳ ۾ اهو روڊ ڪلاڪن تائين بلاڪ رهندو هو. ان من??وبي جي مڪمل ٿيڻ سان عوام جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويو آهي.