اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه قازقستان ۾ ٿيو. (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته قازقستان جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير ڪنات تميش ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن مشاورت جي دوران سياسي ۽ سفارتي، واپاري، اقتصادي رابطن، سائنس ۽ ٽي??نا??اجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن، سيڪا، او آءِ سي، اي سي او ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي ??ڌائڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ ايندڙ مهيني جي ش??وع ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت ڌرين کي ??طرفن لاڳاپن جي موجوده سطح جو ٺوس جائزووٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي طرفن ??ڏيل دلچسپي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.