اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ واپار وار?? وف??قي وزير سيد نويد قمر، موسمياتي تبديلي واري وف??قي وزير شيري رحمان، پاڻي ??سيلن وار?? وف??قي وزير سيد خورشيد شاهه، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سينيٽر نثار کهوڙو شامل هئا. ان موقعي تي ناڻي ??ار?? وف??قي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وار?? وف??قي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا. وفد معاشي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ ۾ عوامي ڀل??ئي جي لاءِ کنيل قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.