اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ق??اخ??تان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور 26 جون 2023ع تي آستانا، ق??اخ??تان ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) سيد احسن رضا شاهه ڪندو. جڏهن ته ق??اخ??تان پاران پرڏيهي معاملن وارو نائب وزير ڪنات تميسٽ جي قيادت ڪندو. ڌريون ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، سياسي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائز?? وٺندا. پاڪستان ۽ ق??اخ??تان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس 28 فيبروري 2020ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو.