اسلام آباد – 11 – ??ئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀ??رت ج?? دور?? دوران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس جي اڳواڻن اڻ??ڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.