اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) ماحولياتي ت??ديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته موسمياتي ت??ديلين کي منهن ڏيڻ ??اء?? عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي ت??ديلي ۾ سراسري اضافو ٿي رهيو آهي پر عالمي رد عمل سستي جو شڪار آهي، جنهن سبب مستقبل ۾ مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ ٽئين سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان سيشن ۾ موسمياتي ت??ديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته تازي ٻوڏ پاڪستان جي ت??ريخ جو نقشو بدلائي ڇڏيو، گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان موسمياتي ت??ديلين جي زد ۾ رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي ت??ديلين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو گرمي پد مسلسل ٽن سالن کان شدت اختيار ڪندو رهيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۽ موسمياتي ت??ديلين جي حوالي سان عالمي ذميواري جي حوالي سان گهڻ رخي فريم ورڪ جي حوالي سان به اجلاس ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 2022ع ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ڏٺي. پاڪستان جو چوٿون حصو ٻڏي ويو، ٽي ڪرڙ 30 لک ماڻهو سڌا سنوان متاثر ٿيا ۽ پاڪستان کي اربين ڊالرن جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيو. هن چيو ته دن??ا تيزي سان موسمياتي ت??ديلين جي وڌندڙ خطرن سان گڏ روايتي طريقن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي، اسان کي گهرجي ته عالمي ادارا ۽ ملڪ گڏجي ان معاملي تي سنجيدگي سان قدم کڻن. هن چيو ته پاڪستان ”ڪاپ 27“ ۾ عالمي برادري کي اهو باور ڪرايو ته موسمياتي ت??ديلين جو مقابلو ڪرڻ ??اء?? عالمي سطح جو فنڊ قائم ڪرڻ ضروري آهي جنهن تحت ”لاس اينڊ ڊيميج“ فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو غريب ملڪن کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ??اء?? مالي مدد فراهم ڪندو جنهن ڪري ان کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري ناز بلوچ ، نيشنل ٽاسڪ فورس ايس ڊي جيز ، ايم اين اي رومينه خورشيد عالم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين، اومان جي رياستي ڪائونسل جي ڊپٽي اسپيڪر شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماحولياتي ت??ديلين کي منهن ڏيڻ ??اء?? متاثر ملڪن کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي، ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ??اء?? اومان جي حڪومت سرگرم آهي، پاڪستان سميت سڄي دن??ا موسمياتي ت??ديلي جي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، اومان ۾ شمسي توانائي جا 3 وڏا منصوبا لڳايا ويا آهن جنهن سان ماحول دوستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي ان موقعي تي شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا مسئلا اومان کان مختلف آهن جنهن ??اء?? ڌار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سيشن کي پاڪ شام پارلياماني فرينڊشپ ڪميٽي جي چيئرمين منطاهر ابراهيم ۽ ماحولياتي ت??ديلي بابت سرگرم ميمبر زينب وحيد پڻ خطاب ڪيو ۽ موسمياتي ت??ديلي سبب پيدا ٿيل چئلينجن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، سيشن ۾ ڀائراڻي ملڪن جي سفارتي نمائند، يونيورسٽين ۽ مدرسن جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.