اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوتي ملازم جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن فوت ٿيل ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئيڪج تحت مقرر ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر رضوان الله (شڪايت ڪندڙ) پاران داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي. هن چيو ته ايجنسي هڪ ٻئي فوتي ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت نوڪري ڏئي چڪي آهي، ٻئي ملازم جو لا??اڻو 2012ع ۾ اداري پاران پاليسي اختيار ڪرڻ ??ان اڳ ٿيو، ڪارپوريشن شڪايت ڪندڙ سان هڪ جهڙي سلوڪ ??ان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته رضوان الله جو والد (بختاور شاهه) ڪارپوريشن جو ملازم هو، سروس دوران 2009ع ۾ لا??اڻو ڪري ويو. شڪايت ڪندڙ فوتي ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا تي مقرري جي ل??ءِ درخواست ڏني، پر ڪو فائدو نه ٿيو. شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن شڪايت کي رد ڪري ڇڏيو. محتسب رد ٿيل فيصلي ۾ چيو ته والد جو لا??اڻو 2009ع ۾ ٿيو، پئڪيج کي اداري پاران 2012ع ۾ اختيار ڪيو ويو، ان لاءِ پاليسي شڪايت ڪندڙ تي ل??ڳو نه ٿي ٿئي. بعد ۾ رضوان الله صدر کي محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن کي قبول ڪيو ويو. صدر فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وزيراعظم جو امدادي پئڪيج 2006ع ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي او ايم جي ذريعي جاري ڪيو ويو، 2006ع کانپوءِ وقت بوقت امدادي پئڪيج ۾ ترميمون ڪيون ويون. صدر چيو ته اداري جولاءِ 2012ع ??ان پئڪيج کي اختيار ڪيو پر واضح نه آهي ته 2006ع جو پئڪيج اختيار ڪيو يا ڪو ٻيو پئڪيج اختيار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب سرڪاري ملازمن جا ٻار سول پوسٽن تي شروعاتي مقرري جي ل??ءِ عمر جي حد موجب ڪانٽريڪٽ نوڪري جي ل??ءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، وفاقي محتسب معاملي جي اهم رخن کي نظرانداز ڪيو، حڪمن کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن شڪايت ڪندڙ جي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت مقرري جي ل??ءِ جلد ??ان جلد ڪارروائي ڪري.