اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي علائقائي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻين ملڪن جي پاڪ چين اقت??اد?? لنگهه ۾ شرڪت سميت سي پيڪ جي توسيع تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پر??يهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ڏينهن پر??يهي آفيس ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين گهڻ رخي پليٽ فارمز تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. ترجمان چيو ته پر??يهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 16 کان 18 مارچ تائين چين جو دورو ڪيو. هن چين جي پر??يهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئ?? ۽ نائب پر??يهي وزير سن ويڊونگ ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي سان ملاقات ڪئ??. هن چيو ته دوري دوران ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ چين جي نائب پر??يهي وزير سن ويڊونگ پاڪ چين ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جي ٽئين دور جي گڏيل صدارت ڪئ??، ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ٻطرفي واپار، اقت??اد?? ۽ مالياتي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي وڌائيندا ۽ مواصلات جي ذريعن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.