اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هائي ??او??ڊ سليڪشن بورڊ جي 27 هين اجلاس ۾ انفارميشن گروپ جي آ??يس?? شاهيره شاهد کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب هائي ??او??ڊ سليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 10، پوسٽل گروپ جي 2 ۽ انفارميشن گروپ جي هڪ آ??يس?? کي گريڊ 21 مان 22 ۾ ترقي ڏني وئي. واضح رهي ته شاهيره شاهد اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي حيث??ت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.