اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته پا??ستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اڄ اسان ڪشميري عوام جي ناقابل تنسيخ حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد لاءِ پا??ستان جي غير متزلزل حمايت جي اظهار ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهيا آهيون. ان ??وقعي تي اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏهاڪن تي ٻڌل مزاحمت ۾ بي لوث قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. اسان ??ن ڏينهن تي عالمي برادري جو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن طرف ڇڪائڻ لاءِ ملهائي رهيا آهيون، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو. ڪشمير جي يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته گذريل 75 سالن کان ڀارتي قابض فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ دهشتگردي جو راڄ مڙهي رکيو آهي، ۽ اتان جي عوام کي ڊيڄارڻ ۽ دٻائڻ لاءِ بدترين مهم شروع ڪري ر??ي آهي. هن چيو ته 9 لک کان ??ڌيڪ ڀارتي هٿياربند اهلڪارن جي موجودگي خطي کي هڪ کليل جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن عالمي قانون، بشمول گڏيل قومن جي چارٽر، چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن جي هڪ کليل ڀڃڪڙي هئي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آباديءَ جي ڍانچي ۾ مصنوعي تبديلين، سياسي انجنيئرنگ، مقامي ماڻهن جي معاشي پسماندگي ۽ ڪشميري سڃاڻپ ۽ ثقافت تي حملن ذريعي انهن غيرقانوني قدمن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارت جو ظالماڻو رويو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عدالت جي مٿانهين قتل، من پسند حراست، حراست دوران تشدد، جبري گمشدگين ۽ پيلٽ گنز جي استعمال مان ظاهر ٿئي ٿو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ميڊيا تي پابندي لڳائي ر??ي آهي ۽ ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي محافظن کي قيد ڪري رکيو آهي. انساني حقن جي ڪيترين ئي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا به ان ظلم ۽ ڏاڍ کي چڱيءَ ريت دستاويزي صورت ۾ اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پا??ستان ڀارت کان ??طالبو ڪري ٿو ته اهو گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي مبصرن، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير تائين بنا رنڊڪ جي رسائي ڏئي ته جيئن اهي اتان جي صورتحال بابت درست معلومات حاصل ڪري سگهن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي تحقيقات ۽ انهن کي رپورٽ ڪري سگهن. صدر مملڪت چيو ته پا??ستان علمي برادري ۽ تنظيمن تي زور ڀري ٿو ته اهي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پا??ستان ??ڳاتار ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڄمون ڪشمير تڪرار جو جٽادار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ئي ممڪن آهي. پا??ستان ان جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.