اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪينيا جي ??فير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي موت جي ??والي سان ڪينيا جي ??ڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد شريف جي ماءُ کي س??دس پٽ جي موت تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کان آگاهه ڪيو۔ هن چيو ته ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي ??ريڪ آهيان. ارشد شريف جي موت جي ??ببن جي ??بر جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪينيا جي ??ڪومت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪينيا جي ??ڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کان ارشد شريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي ??ڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پ??لي?? وارن سان رابطي ۾ آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪينيا جي ??فير سان به رابطو ??يو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي ??اطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ ڪينيا جو سفير پنهنجي ??ڪومت کان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪينيا جي ??يڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. ارشد شريف جي موت جي ??والي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.