اسلام ??باد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي حڪومتن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اعليٰ معيار جي ٻج جي ورڇ جي وفاقي حڪومت جي پروگرام ۾ شامل ٿين ۽ ان کي سياسي مسئلو نه بڻائين، پاڪستان اسان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي، ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت نجي شعبي کي هرگز ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، هن مشڪل صورتحال ۾ ڪنهن کي ناجائز منافعي خوري ڪرڻ ۽ عوام ??ي بار وجهڻ نه ڏينداسين. هو پنهنجي صدارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ منعقد جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن احسن اقبال، طارق بشير چيما، اياز صادق، شيري رحمان، خرم دستگير خان کانسواءِ اين ڊي ايم اي، اين ايف آر سي سي ۽ اعليٰ صوبائي عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چ??و ته ٻوڏ متاثرين جي مدد، بحالي ۽ آبادڪاري جي ڪم ۾ اسان کي سياست کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪيو ??هي. هيستائين 66 ارب رپيا متاثرين ۾ ورهائجي چڪا آهن. هڪ لک 10 هزار خاندانن کي اها رقم جلد منتقل ٿي ويندي. وفاقي حڪومت چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سمورن متاثرين جي لاءِ قدم کنيا ??هن ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن کي 10 لک رپيا في ڪس جو پئڪيج ڏنو ??هي. ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ??هن. اين ڊي ايم اي شفاف طريقي سان اها رقم ورڇ ڪئي ??هي. وفاقي حڪومت پاران هيستائين ان جي حصي موجب 88 ڪروڙ رپيا ورهايا ويا ??هن. زخمين جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو هو ان جي ورڇ به جاري ??هي. چئني صوبن ۽ متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي جي ذريعي خوراڪ، دوائون، خيما، مڇردانيون ۽ پاڻي ضرورت موجب فراهم ڪيو ويو آهي ۽ هر صوبي جي ضرورت کي نظر ۾ رکيو ويو ??هي. وزيراعظم چ??و ته دوست ۽ ڀائر ملڪن پاران جيڪا امداد آئي اها اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم ايز سان گڏجي سمورن صوبن ۾ شفاف طريقي سان امدادي سامان ورهايو ??هي. چين پاران سردين جي لاءِ سيءُ کان بچاءُ وارا تنبو موڪليا پيا وڃن، اهي به سمورن متاثر علائقن ۾ ضرورت موجب ورهايا ويندا. وزيراعظم چ??و ته وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ جي پوکيءَ جي لاءِ وفاقي وزيرن طارق بشير چيما ۽ احسن اقبال صوبن سان گڏجي اڌواڌ جي بنياد تي ٻج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن کي اين ڊي ايم اي جي ذريعي پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. ايندڙ فصل جي لاءِ اعليٰ معيار جو ٻج حاصل ڪيو ويندو. سنڌ ۽ بلوچستان ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا ??هن پر خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن اسان جي درخواست جي باوجود ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جواب ڏئي ڇڏيو ته اسان کي ٻج نه گهرجي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان اسان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي ۽ هي اسان سڀني جو گڏيل ملڪ ??هي. چار ئي صوبا پاڪستان جو حصو آهن ۽ وفاقي ڌرين سان گڏجي ئي ٺهي ٿو. ان معاملي ۾ ڪا سياست نه ??هي. ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سمورن صوبن کي ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو صوبو شامل نه ٿو ٿيڻ چاهي ته ان کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. بي آءِ ايس پي تحت 70 ارب رپيا ورڇ ٿيڻا آهن، خيمن، مڇردانين ۽ پاڻي سميت اربين رپين جو سامان شفاف طريقي سان سمورن متاثر علائقن ۾ موڪليو ويو ??هي. ٻوڏ سان اهڙي تباهي ٿي آهي جو اڳ ۾ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آئي. گذريل ڏينهن مون صحبت پور جو دورو ڪيو، اتي اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، اڳ ۾ ٻوڏ ريلن سان تباهي ٿي ۽ هاڻي بيٺل پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. وزيراعظم چ??و ته اڌواڌ فارمولي تي سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون راضي آهن پر جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي ٻج نه گهرجي ته اهو انهن جو پنهنجو فيصلو ??هي. وزيراعظم چ??و ته ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي سان ڪاٿو لڳايو ويو آهي، پلاننگ، ناڻي، غذائي تحفظ ۽ ڪامرس وارين وزارتن گڏجي ان حوالي سان ڪم ڪيو ??هي. گذريل سال جي ڪڻڪ جي جيڪا کوٽ هئي ان کي به پورو ڪيو ويندو. حڪومت ڪيترائي لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪري چڪي ??هي. ٻوڏ جي ڪري اسان ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف پورو نه ڪري سگهنداسين. وزيراعظم واضح ڪيو ته هو نجي شعبي کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي مرضي جي قيمت تي ڪڻڪ گهرائي. آئون ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيو آهيان ۽ نه ئي شڪ ڪري رهيو آهيان. سموريون صوبائي حڪومتون منهنجي لاءِ احترام ??وڳيون آهن پر اسان کي تباهي درپيش آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو مشڪل معاملو درپيش ??هي. وفاقي حڪومت تمام ??هترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اربين رپيا ??چايا ??هن ۽ گهٽ کان گهٽ واڪ وارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪري قيمت وڌيڪ گهٽ ڪرائي ??هي. هن ايمرجنسي جي صورتحال ۾ اسان هڪ ڊالر به وڌ??ڪ خرچ ڪرڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ان لاءِ اڳ ۾ جيڪا 440 جي بڊ آئي ان کي مون قبول نه ڪيو جڏهن ته مون کي مشورو ڏنو ويو ته ان کي قبول ڪيو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي جو ان کان به وڌيڪ قيمت تي ڪڻڪ وٺڻي پوي پر اسان رسڪ کنيو ۽ 30 ڊالر في ٽن بچايا. اهو الله جو ڪرم هو. وزيراعظم چ??و ته نجي شعبي کي عام ??التن ۾ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي پر ان صورتحال ۾ اسان ڪنهن کي ناجائز منافعي خوري ۽ عوام ??ي بار وجهڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين.