اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش بورڊ ج?? افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊيش بورڊ ج?? ذريعي ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان پهچ ممڪن ??ين??ي. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيجمينٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيجيٽل ايپليڪيشنز ۽ پاليسي ۽ فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام ??و حصو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.