اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان ملاقات ۾ ٻن نقطن تي ڳالهه ڪئي. هڪ اهو ته تمام وڏي پئماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪيو ته سموري ملڪي ۽ عالمي امداد ۽ معاونت جي آڊ??ٽر جنرل پاڪست??ن ۽ عالمي آڊ?? فرمز کان آڊ?? ڪرائي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان هڪ پرجوش ملاقات هينئر ختم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٿي. هن چيو ته منهنجي انهن سان ڳالهه ٻولهه جو محور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ اهو ته ان ٻوڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گ??رج??. هي وقت آهي ته سياست کي هڪ طرف ڪري ٻوڏ متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن جو مرڪز هجڻ گ??رج??. هن چيو ته منهنجو ٻيو نقطو اهو هو ته منهنجو عزم آهي ته مقامي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ امداد ۽ معاونت جي آڊ?? آڊ??ٽر جنرل پاڪست??ن ۽ عالمي آڊ?? فرمز کان ڪرائي ويندي.