اسل??م آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه پاران ??وڏ متاثري?? جي وقت سر مدد ۽ تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، اهو قدم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي، ٻوڏ ۽ برساتن سا?? جيتري تباهي ٿي ايتري پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺي، دوست ملڪ?? جي مدد سان ان جو مقابلو ڪنداسين. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن سان ??ڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ترڪيه جي وفد سان ڳالهائيندي وقت سر امداد تي ترڪيه جا ٿورا مڃيا. ان ??وقعي تي ترڪيه جي وفد آفت سٽيل پاڪستان سان گڏ بيهڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو جي قيادت ۾ ترڪيه جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثرين سان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جي تعزيت ۽ يڪجهتي جي جذبن جو اظهار ڪيو ويو. سليمان سوئيلو ملڪ ۾ سمورن حصن خاص طور تي سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ تباهي آڻيندڙ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ کان ??تاثر عوام جي ريسڪيو ۽ ريليف ۽ تباهه ٿيندڙ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي ڀرپور امدادي ڪاررواين کي ساراهيو. هن خاص طور تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في متاثر خاندان 25000 رپي?? جي هنگامي رقم جي فراهمي تي حڪومت کي ساراهيو. هن ان روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام کي مستقل بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ٻوڏ متاثري?? جي وڌ کان ??ڌ مدد ڪري سگهجي ۽ ٻوڏ کانپوءِ سماجي سطح تي متوقع نقصان کان بچي سگهجي. سليمان سوئيلو ترڪ حڪومت ۽ عوام پاران ??اڪستان حڪومت جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ مالي تعاون ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف تباهي آنيندڙ قدرتي آفت جي ان گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جي لاءِ همدردي جي جذبن ۽ حمايت تي ترڪ قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته ترڪيه سان اسا?? جي لاڳاپن کي منفرد اهميت حاصل آهي، هو اسان جو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي، 27 آگسٽ تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??ون کي فون ڪري ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي مڪمل تعاون ج خاطري ڪرائي. اسان ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستا?? جي ڀرپور مدد ڪئي. ترڪيه جي ڪاروباري طبقي ۽ ٻين ادارن پاران به امدادي سامان ??ليو آهي. وقت سر امداد تي ترڪيه جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. ترڪ صدر سان ??يليفون ڪال جي فوري پوءِ امدادي سامان کڻي ترڪيه مان جهاز پاڪستان ??هچڻ شروع ٿيا. 2 ٽرينون به سامان کڻي اچي رهيون آهن. هن اسان کي خيما، دوائن، خوراڪ سميت ٻيو سامان ڏنو جيڪو اسان ??تاثرين ۾ ورهائي رهيا آهيون. وزيراعظم ٻڌايو ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ?? ڪشمير ۾ طوفاني برساتن ۽ بوڏ سبب ڪجهه علائقا متاثر ٿيا. اهي برساتون 40 سالن ۾ سڀ کان ??ڌيڪ هيون. هن وفد جا پاڪستان اچڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته اهو هڪ شاندار پيغ??م آهي. پاڪستا?? جي عوام خيرسگالي جي ان جذبي کي ساراهي ٿي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان 300 ٻارن سميت هڪ هزار ماڻهو فوت ٿيا. لکين ماڻهو بي گهر ۽ کليل آسمان ??يٺ راتيون گذارڻ تي مجبور آهن. لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل کي نقصان ??هتو. لائيو اسٽاڪ کي شديد نقصان ??هتو. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي تباهي ناهي ڏٺي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترڪيه سميت دوست ملڪ?? جي مدد سان اسان ??وڏ متاثري?? جي بحالي ۾ ڪامياب ٿينداسين.