اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهب??ز شريف سان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ وزيرا??ظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو و??اقي وزير سردار اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. ملاقات ۾ وزيرا??ظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف انتظامي، مالياتي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کيس هدايت ڪئي ته هو پلاننگ ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گ??جي سمورن حل طلب معاملن کي جلد کان جلد اڪلائي. هن ان سلسلي ۾ سمورن موجود وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.