اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لاهور ۾ پوليس اهلڪار ڪمال احمد تي فائرنگ ڪري ڳاڙهي لڪير پار ڪئي وئي، ميڊيا سياسي سرگرمين جي ڪوريج ڪري، پر شرپسند تشدد ۽ دهشت پکيڙڻ جي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪري، وزيراعظم شهباز شريف معيشت ۽ ع??ام جي حفاظت ڪرڻ جو پڪي ارادي جو اظهار ڪري چڪو آهي، پاڪستاني معيشت ۽ ع??ام کي بچائڻ لاءِ ريڊ لائين لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي، معيشت جي بحالي ۽ ع??ام جي رليف جي رستن ۾ ڳاڙهي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي، ڪنهن کي عبور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته پاڪستان ??ي معاشي خودمختياري کي بچائڻ لاءِ جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ سياسي استحڪام بنيادي ضرورت آهي، هن چي?? ته پاڪستان کي تباهه ڪري وڃڻ وارن کي وڌيڪ تباهي پکيڙڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. معيشت ۽ ع??ام جي حفاظت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفا??ي وزير چي?? ته معيشت جڏهن ته ٽيڪ آف ڪرڻ لڳندي آهي، عمران ??ان ??ي شرپسندي ان ??ي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي، هن چي?? ته سي پيڪ آيو، عظيم دوست صدر شي جن پنگ پاڪستان ??چڻ جو اعلان ڪي?? ته ڌرڻن جو اعلان ٿي ويو هو، اڄ پاڪستان ??ي معيشت جي بحالي ۽ ع??ام کي رليف ڏيڻ جو آغاز ڪيو ويو آهي، ڪا مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. معيشت ۽ ع??ام کي رليف هڪ نڪاتي ايجنڊا آهي، ان ??ي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. ان ??ي حملو برداشت نه ڪنداسين، هن چي?? ته اڄ عوام کي به فيصلو ڪرڻو آهي ته چور ۽ فسادي ٽولي سان گڏ بيهڻو آهي يا ملڪ جي ترقي سان گڏ عوام جي ترجيح تعمير، ترقي ۽ خوشحالي آهي، هن چي?? ته انهن شرپسندن ۽ فسادين کان ??وام کي بچائڻ لاءِ هر قدم کنيا پيا وڃن. ملڪ ۾ معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جي بحالي جي راهه ۾ سازش اچڻ نه ڏينداسين.