اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي لاءِ اوگرا پاران موڪليل سمري رد ڪر?? ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل جي قيمتن کي ب??قرار رکيو وڃي ۽ قيمت ۾ اضافي جو بار صارفين تي نه ??ڌو وڃي. اڄ آچر پهرين مئي کان پيٽروليم مصنوعات جون قيتمون 16 اپريل 2022ع جي سطح تي ب??قرار رهنديون ۽ پهرين مئي کان به پيٽرول 149.86 روپيا، هائي اسپيڊ ڊي??ل 144.15 روپيا ۽ گاسليٽ 125.56 جڏهن ته لائيٽ ڊي??ل 118.31 روپين جي پراڻي قيمتن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو.