اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرج??، اسلام آباد ??اءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪيس التوا هيٺ آهن، اهو ڪنهن شخص جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آه??، انهن ڪيسن جي حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد ??اءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، چيف جسٽس اطهر من ا??له بهتر مشورا ڏنا. اسلام آباد ??اءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ايف بي آر چيئرمين سان گڏ اسان جي چيف جسٽس اسلام آباد ??اءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران ا??ف بي آر چيئرمين 13 ڪيسن کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جسٽس اطهر من ا??له پاڪستان جي ڪجهه وڏن ججن مان آهي. هن پاڪستان جي ??وش??الي طرف هڪ وڏو قدم کنيو آهي. هن چيو ته اميد آهي باقي عدالتون به اسلام آباد ??اءِ ڪورٽ جي پوئيواري ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وصولين بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ نه، ايف بي ??ر جي وڪيلن جي ڪري ڦاٿل آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته يقيني طور تي ايف بي آر چيئرمين اجلاس ۾ ڏنل تجويزن مان فائدو کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان تيار آهيون، پر لڳي ٿو مخالف ڌر پاران عدم اعتماد جي رٿ اچڻي نه آهي.