اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ادارن جو ڪم عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جو ??رجيحي بنيادن تي ازالو ڪرڻ آهي، خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي پهچ واري نظام جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ادارن ۾ م??ررين ۾ م??رٽ جي بالادستي ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن خيبرپختونخوا صوبي ۾ پيسڪو جي مسئلن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مراد سعيد، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا، شوڪت يوسف زئي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا صوبي ۾ اسيمبلي ميمبرن جي شڪايت تي پيسڪو جي مسئلن تي نوٽيس وٺندي چيو ته حڪومت لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي چور جي روڪٿام لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پيسڪو بابت مسئلن تي اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي لوڊشي??نگ ۽ مانيٽرنگ سسٽم، بجلي چوري ۽ ان جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن ۽ پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ ۽ نئين مقررين تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيسڪو ۾ لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت بجلي جي پهچ واري نظام ۾ بهتري جو ??امع منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن کانپوءِ گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ گهربل بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهبي. بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ به ترجيحي بنيادن تي سمورا قدم کنيا پيا وڃن، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مقررين جو ??فاف نظام يقيني بڻايو پيو وڃي، لوڊشيڊنگ کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊجيتل نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان هر فيڊر تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي پل پل مانيٽرنگ ممڪن ٿي سگ??ند?? ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو ??اتمو ممڪن ٿي سگ??ند??، وزيراعظم جاري قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي.