اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ چين جي دوري جي حو??لي سان اعليٰ سط??ي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود ??ريشي، حماد اظهر، شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور ۽ سينيئر آفي??رن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري جي دوران سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس منصوبن تي چيني عملدارن سان جاري ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني وئي.