اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? ۾ سموري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ ا??تصادي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اخ??يا?? ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ ا??ٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ ا?? ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلت??تا?? جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.