اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو، غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن نئون پاڪست??ن هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئون پاڪست??ن هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي لاءِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارٽگيج فنانسنگ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ 69 ارب روپين جي منظوري ڏئي رهي ??هي?? وزيراعظم عمران خان چيو ته گهٽ قيمت رهائش جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ??هي?? حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو.