دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار انتهائ?? اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان افغانستان جي مختلف نس??ي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ڏينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??رب??اهي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستاني سفير به هتي موجود آهن. هن ٻڌايو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ??رب??اهي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدارتي محل ويندو جتي تاجڪستان جي صدر سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته افغانستان جي صورتح??ل ۾ تاجڪستان جو ڪردار انتهائ?? اهم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر ملڪ افغانستان جي مختلف نس??ي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.