ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪن تي زور ڏنو ??هي ته اهي مارڪيٽ جي تازه ترين رجحانن ۽ مطالبن تي تحقيق ڪرڻ جي رجحان کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ يونيورسٽين سان رابطا قائم ڪن. اسلامي بئنڪنگ بابت چوٿين گول ميز ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته جڏهن يونيورسٽين جا شاگرد اڳ ۾ ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي ??اءِ مختلف موضوعن تي مطالعو ڪري رهيا آهن ته اهڙي صورت ۾ تحقيق جي ??اءِ جدا ادارو قائم ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته ريسرچ شاگردن کي بئنڪنگ سيڪٽر پاران رهنمائي ۽ سرپرستي ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهن جي ڪوششن کي مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ جديد رجحانن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح بئنڪن کي گهربل تحقيق حاصل ٿيندي جڏهن ته شاگردن کي وڌيڪ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن چيو ته ڪنهن شخص جي ??وت جي ??وري پوءِ دولت ۽ ملڪيت جي ??راثت جي ??نتقلي پڻ اسلام جي تعليم جو روح آهي. هن پاڪستان ۾ اسلامي شرعي تعميل جي ??دمن تي پڻ زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ??اءِ مالي مدد جي ??اءِ قرضن جو هڪ حصو وقف ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ??ه جيئن اهي ملڪ جي ??ائيدار ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽ?? عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، سنڌ بئنڪ جي چيئرمين شريعه بورڊ اسلامڪ بئنڪنگ ڊويزن مفتي محمد نجيب خان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻيا معزز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽ?? عشرت حسين چيو ته اسلامي بئنڪنگ سسٽم کي جديد چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حاصل ٿي ۽ اها روايتي نظام جي ??تبادل طور سامهون اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين کي اسلامي بئنڪاري تحت منافعي ۾ هڪ جهڙو شيئر مليو آهي، جنهن کي هن نظام جي خوبصورتي قرار ڏنو. ڊاڪٽ?? عشرت حسين اسلامي بئنڪاري پاران نظرانداز ڪيل شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته اسلامي بئنڪاري جي سهولت 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دستياب آهي ۽ چيو ته اها صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهرين ان نظام ۾ گهري دلچسپي ورتي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ٻن سالن ۾ شروع ڪيل سمورين اسڪيمن تي ماڻهن جو ردعمل ذڪر ??وڳ?? هو. هن شرعي ڪمپلائنس جي ??ظام تحت زراعت ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شعبن جي ??اءِ مصنوعات کي ڊيزائن ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ??ه جيئن انهن شعبن سان واڳيل ماڻهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مفتي نجيب چيو ته اسلامي بئنڪاري کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ پوري دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. مفتي نجيب اها تجويز پڻ ڏني ته اسلامي بئنڪاري کي ملڪ جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اسلامي بئنڪاري ۽ حلال انڊسٽري جي ??روع بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.