اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلامي جمهوري پاڪستان جي ”آزادي جي ڏهاڙي“ تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون آهن، هن قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ پوري قوم 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏهاڙو نئين جوش ۽ جذبي سان ??لهائي رهي آهي، اسان کي يقين ر??ڻ گهرجي ته اسان جو آزادي جو ڏهاڙو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جي خوش??ري کڻي ايندو. هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ عالمي وبا گهيري رکيو آهي جنهن جي ڪري سمورن ملڪن جي معيشت، اقتصاديات، تعليم، صحت سميت سمورا شعبا ??ري طرح متاثر ٿيا آهن، هن چيو ته ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ احتياط سميت حفاظتي قدم ضروري آهن. موجوده حڪومت ان ??وذي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي.