اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپان جي سفير ڪني نوري ??ستودا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين جاپان جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري ??واد حسين چيو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي وزير جاپان جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ??يو. هن چيو ته انساني وسيلن جي تربيت جي فراهمي ۾ جاپان جو تعاون ضروري ??وندو. اطلاعات واري ??فاقي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري ??زير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، وفاقي وزير چوڌري ??واد حسين ۽ جاپان جي سفير ميڊيا ?? اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.