اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ بلاول ج?? راءِ موجب جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ۽ نيب ۾ سڌارا انهن ادارن کي پاڻ ئي ڪرڻا آهن ته اهي ڄاڻين ?? انهن جو ڪم ڄاڻي، پوءِ پارليامينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر جي ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چي?? ته ان جي تجويز انتهائي اهم آهي ته جيڪڏهن چونڊ سڌارا اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻا آهن ۽ پارليامينٽ جو ڪو ڪردار نه آهي ته پوءِ نيب جي قانون ۾ سڌارا به نيب کي ئي ڪرڻ ڏيو، اهي ڄاڻين ?? انهن جو ڪم ڄاڻي ڇ?? ته شهباز شريف ۽ بلاول ج?? راءِ موجب پارليامينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي.