اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان رياست ۽ ملڪي دفاع جي خلاف دشمن جي ايجنڊا تي تيار ڪيل بيانيو ڪنهن صورت ۾ قبول نه آهي، نواز شريف ۽ سندس خاندان جمهوريت نه پر بادشاهت تي يقين رکي ٿو، قا??ون کي گهربل اشتهاري لنڊن جي مهانگي فليٽ ۾ ويهي انقلابي بڻجڻ بدران عوام ۾ اچي، مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنسز ۾ چيو وڃي ٿو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڪرپشن، مني ??انڊرنگ جا ڪيس واپس ورتا وڃن، جنهن جنهن ڪرپشن، مني ??انڊرنگ ڪئي يا قومي ناڻي کي بيدردي سان ڦر??و ان کي حساب ڏيڻو پوندو، صنعتن کي ملندڙ وڌيڪ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن سميت ٻين کي اضافي بجلي تي 25 سيڪڙو رعايت ملندي، صنعتن جي لاءِ پيڪ آورز ۽ آف پيڪ آورز کي گڏ ڪيو ويو آهي، صنعتن کي سستي بجلي جي فراهمي سان ملڪي مصنو??ات جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.