اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته موسمياتي تبديلين جي سببن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاڳو ٿيندا. اهو ئي وقت آهي ته دنيا اڳتي اچي ۽ گڏجي ان چ??لينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ورلڊ سمٽ جي مناسبت سان پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم ??يو ته اڄ کان 20 سال اڳ موسمياتي تبديلي جي معاملي کي سن??يد?? نه ورتو ويندو هو پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت سمجهندي آهي، هن ??يو ته گرمي پد ۾ غير معمولي اض??فو، گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتار ۾ تيزي، ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طوفان معمول جا واقعا بڻجندا ??يا وڃن. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن عالمي برادري موسمياتي تبديلين جي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاحق ٿيندا.