اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر پاران نيب قانونن ۾ تجويز ڪيل ترم??مو?? تحريڪ انصاف جي منشور جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪيو آهي ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخالف ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قانونن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي مخالف ڌر چاهي ٿي ته 10 ڪلاڪن ۾ ترم??مو?? ٿين، مخالف ڌر نيب قانونن ۾ ترم??مو?? ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏ??ي، مخالف ڌر کي اپيل آهي ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخالف ڌر جون ترم??مو?? جيڪڏهن مڃيون وڃن ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخالف ڌر عمران خان يا حڪومت نه پاڪستان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. ق??مي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو. گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين جي ڪر?? ملڪ گري لسٽ ۾ ويو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. پاڪستان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، پاڪستان تي سخت ترين پابنديون لڳايون وڃن. پاڪستان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.