اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاق?? ڪابينا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين، هائوسنگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪميشن جوڙين ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ممڪن ٿي سگهي، وفاق?? ڪابينا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا ويا جن مان 1579 تي عم??در??مد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي عم??در??مد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا عم??در??مد جي عمل هيٺ آهن، ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو وفاق?? ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون سفارشون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جيڪي وفاق?? ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، ڀاڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اهم فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ حج جي حوالي سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن وزيراعظم عمران خان ??ي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.