اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوا??ي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوا??ي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم ??ڻڪ کي عوام جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن آبادي جي ضرورتن موجب ??ڻڪ جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻائي سگهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا ج?? اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوا??ي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوا??ي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوا??ي سان جاچ جي لاءِ ڪميشن جو قيام عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ڪميشن جي سفارشن جي ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ذميوارين جي حوا??ي سان هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائين. وزيراعظم عمران خان جي هدايت موجب خاص معاونين پاران اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي جي حوا??ي سان ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت جي روشني ۾ سمورن خاص معاونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا پيا وڃن. تازي اطلاعن موجب هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خاص معاونين کي اڃا اثاثا ج??ع ڪرائڻا آهن جيڪي جمع ڪرايا ويندا. ??ڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ بابت قدمن جي حوا??ي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي ??ڻڪ جي صورتحال، صوبائي حڪومتن پاران ??ڻڪ جي خريداري، ذخيرن جي صورتحال ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي آڻڻ جي حوا??ي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.