اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ۽ ڪوويڊ – 19 بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن تي عمل نٿو ٿئي ته نماز ۽ تراويح ??ي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر چي?? ته عالم سڳورن سان معاهدي جي پهرين 17 نڪتا نماز ۽ تراويح ??ي دوران حفاظتي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، انهن احتياطي تدبيرن تي پوري دنيا ۾ اتفاق راءِ آهي، هن چي?? ته انهن احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد امام مسجد، مسجد ڪميٽين، ضل??ي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي.