اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس جي وبا کي منهن ڏ??ڻ لاءِ سموريون صوبائي حڪومتون ۽ پاڪستاني فوج ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، ??زيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، ??ومي ڪوششن جي سپورٽ ۾ ميڊيڪل ايڪشن پلان بڻايو آهي، ??نهي هٿياربند فوج جي ميڊيڪل سهولتن کي هر طرح سان تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، هٿياربند فوج جو ترجمان ميجر جنرل بابر افتخ??ر ۽ وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.