اسلام آباد – 23 ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقلي جي پاليسي ايندڙ هفتي دوران وز??راعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي ته جئين براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي اينا??اگ سان ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ دوران ڪ??و، جيڪو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد امين الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.