اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي شموليت سان ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني تصديق ??يل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪستان جي شموليت ٻاهر??ن ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي تمام گهڻي آساني ٿيندي، پنهنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪستان ۾ تصديق ??يل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا ۽ اسان جا شهري شادي جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آفيسرن کان تصديق ڪرائي سگهندا جن کي وڌيڪ تصديق جي ضرورت کانسواءِ عالمي سطح تي قبول ڪري سگهبو.