اسلام آباد ??? 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي عهديدارن جي گهرن مان هٿيارن جي برآمدگي سان عمران خان جا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي ر??يو آهي عوام ڏسي ر??ي آهي ۽ ان جو ذميدار صرف عمران خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري ر??يو آهي، هو هٿيارن جي زور تي اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن ??يو ته بندوقن، بم ۽ گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته گوليون هلائڻ، جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ وا??ح لائين ڪڍڻي پوندي.