اسلا?? آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف عل??ي عيدالفطر جي نماز وفاقي گادي واري شهر اسلا?? آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. وفاقي وزيرن، اسلا?? آباد ۾ مقرر اسلامي ملڪن جي سفيرن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ شهر جي نمائندن پڻ صدر سان گڏ عيد جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. صدر عيد جي نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن ۾ گهلي ملي ويو ۽ هو انهن سان عيد مليو. عيد جي نماز جي اج??ماع ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، بقاءَ ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت والاريل مسلمان علائقن جي غيرملڪي قبضي کان آز??دي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. اسلا?? آباد ۾ عيد جي نماز جو سڀ کان وڏو اج??ماع فيصل مسجد ۾ ٿيو جنهن ۾ هزارين فرزندان اسلام پڻ شريڪ ٿيا. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عيد جي خوشي جي موقعي تي عوام کي مبارڪباد ڏني.