اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان س??ڌ جي گورنر عمران اسماعيل، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي سان ??ڏ سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي اسميبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان م??جب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن آفتاب صديقي، سيف الرحمان، عطاءُ الله، اڪرم چيما، فهيم خان، اسلم خان، عالمگير خان، عبدالشڪور شاد، ڪيپٽن جميل، آفتاب جهانگير، صائمه نديم ۽ نصرت وحيد به موجود هئي. وزيراعظم جي خصوصي مددگار ملڪ محمد عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ڪراچي ۾ جاري وفاقي حڪ??مت پاران ترقياتي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.